اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلع ڪرم ۾ دهشتگردن جي پوليس ٿاڻي تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئ?? آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيل فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪار کي خراج عقيدت ۽ بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ شهيد جي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمي اهلڪارن جي جلد صحت??اب?? لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف اسان جي پختي عزم کي ڪمزور نٿيون ??ري سگهن.