اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري جو عمل مڪمل شفاف ٿيندو، سي سي او پي جي سربراهه جي حيثيت سان پڻ شفافيت کي يقيني بڻائيندس. سينيٽ جي اجلاس ۾ رياستي ملڪي??ي ادارن بابت ترميمي ايڪٽ بل تي سينيٽر علي ظفر جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته نجڪاري بابت سمورن حڪوم??ي اتحادين کي پڻ مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو، پاڪستان اسٽيل ملز جي خساري ۾ قوم جا اربين رپيا ضايع ٿي چڪا آهن، ڇا اسان وڌيڪ اهو نقصان برداشت ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پي ٽي سي ايل کي مشرف دور ۾ اتصالات کي وڪرو ڪيو ويو، ان وقت ٽي آڇون موصول ٿيون هيون، ان کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت سميت ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ته ا??و معاملو نه سلجهايو ويو، اسان ان معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ٽي سي ايل جا ساڍا ٽي سئو مان ڏيڍ سئو اثاثا اڃان به اتصالات جي حوالي ناهن ڪيا ويا. اسان انهن کي 150 مان 30 اثاثن تي وٺي آياسين، اتصالات انهن اثاثن جي پنهنجي طور تي ق??مت لڳرائي آهي، ان تي پراپرٽيز جي 263 ملين ڊالر ق??مت لڳرائي وئي جيڪا تمام گهٽ آهي.