راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي جرمني پهچي ويو. جرمني جي اعليٰ فوجي ۽ سول ق??اد?? سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق جرمني جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪارشن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. جرمن هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آرمي چيف جرمني آرمي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس سان به ملاقات ڪئي ۽ جرمن آرمي چيف سان فوج جي دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي سهولتن جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف و??اق?? چانسلر جي پر??يهي پاليسي ۽ سلامتي جي مشير جينز پلوٽنر، پر??يهي معاملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي سيڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري ق??اد?? سان ملاقاتون ڪيون. جرمن ق??اد?? دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، جرمني آرمڊ فورسز ڪمانڊ اينڊ ا??ٽا?? ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪندو جتي هو مختلف ملڪن مان ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندو ته جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي روشني ۽ گڏيل قومن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي روشني وِجهن.