اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صدر ابراهيم رئيسي مسلمان امت جي اتحاد جو وڏو حامي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چ??و ته ايراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري ع??ام سميت عالمي سطح تي مسلمانن جي درد کي دل سان محسوس ڪندو هو، اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي. هن چ??و ته گذريل مهيني اسان کي پاڪستان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن ??اڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺو، آغا رئيسي سدائين پ??ڪستان ۽ ان جي ع??ام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پ?? پوري مسلمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چ??و ته صدر رئيسي کي ع??ائقائي ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوششن تي ايران پ??ڪستان ۽ اسلامي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ سندس روح کي سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي ع??ام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.