اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن، ايس آءِ ايف سي جي ذريعي سعودي سيڙپڪارن کي رڪاوٽن کان پاڪ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آج??اڻ?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته سعودي عرب مان پاڪستان جي دوري تي آيل معزز مهمانن جي آجيان ڪريون ٿا، سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد سان ملاقات دوران انهن جي رويي سان وڏو حوصلو مليو، سعودي عرب ۾ ويزنري قيادت آهي، سعودي عرب جي ولي عهد جي سعودي عرب کي جديد بڻائڻ جي پاليسين جا معترف آهيون. هن چ??و ته ولي عهد محمد بن سلمان سعودي عرب جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چ??و ته زراعت، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سعودي عرب جي ترقي کي ساراهيون ٿا، سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب 7 ڏهاڪن کان پاڪستان جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، ان جي فراخدلي کي ساراهڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. هن چ??و ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هر سطح تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو، سعودي عرب جا سيڙپڪار ايس آءِ ايف سي جي ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان بهترين فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چ??و ته سعودي عرب نوڪرين جي موقعن جي حوالي سان اهم ملڪن ۾ شامل آهي، سعودي عرب جي معيشت تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چ??و ته سعودي عرب سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سعودي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، اسان کي به ان حوالي سان تياري ڪرڻي پوندي. سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جا سياحتي ماڳ تمام گهڻا خوبصورت آهن. ان موقعي تي سعودي عرب جي معاون وزير ابراهيم المبارڪ خطاب ڪندي چ??و ته سعودي عرب سان پاڪستان جي حصيداري اهميت جوڳي آهي، سعودي قيادت جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهيون، پاڪستان سعودي عرب جو اس??ريٽجڪ دوست ۽ حصيدار آهي. سعودي عرب جي نجي شعبي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. آج??اڻ?? ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي. آج??اڻ?? ۾ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي شروعات عربي ۾ ڪئي جنهن کي اتي موجود ماڻهن گهڻو ساراهيو.