اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته پاڪستان چين سان ??وستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني مهمانن جي سيڪيورٽي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪمپنيون ملڪ ۾ درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي ??قا??ي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ??هڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي چيئرمين وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي ۾ هلايا ويندڙ مختلف منصوبن جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ??ي چين سان ??وستاڻي لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۽ چين جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان ??لند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ملازمن جي لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ کي ملڪ م درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي ??قا??ي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ??ه موجوده منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??ڪومت چيني سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف منصوبن جي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان ??وانائي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو ??هي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ چين پاڪستان ??قتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چين جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي منصوبن جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.