اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ??ني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اومان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لا??اپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ??ني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لا??اپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اوماني سلطان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سلطان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.