ڪرتارپُور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن سک ياتر??ن جي آجيان ڪري ٿو، ڪرتارپور لنگهه امن جي علامت آهي، ڪرتارپور لنگهه سان پاڪستان دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي. نارووال ۾ ڪرتارپور لنگهه جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم اهنگي جي اهڙ?? وڌيڪ قدمن سان خطي ۾ امن کي هٿي ملندي، سک مذهب امن ۽ اتحاد، ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو درس ڏنو آهي.
هن چيو ته سک ياتر??ن جي آساني ۽ سهولت جي لاءِ پاڪستان جا قدم ساراهه جوڳا آهن. صدر کي ??ي اي او پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ڪرتارپور صاحب ۾ سک ياتر??ن جي سهولت لاءِ کنيل ق??من تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ صدر کي سک مذهب ۽ ڪرتارپور صاحب جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو. صدر ڪرتارپور صاحب ۾ مختلف جا??ن جو دورو ڪيو ۽ ياتر??ن جي لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. صدر پنهنجي دوري دوران ميوزيم ۽ لنگرخاني جو دورو پڻ ڪيو.