مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ??گر??ن وزيراعظم آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظ??رآ??اد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ??گر??ن وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشم??ر مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت ج?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت ج??ڳي آهي. ??گر??ن وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظ??رآ??اد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي مظ??رآ??اد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.