اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت گردشي ق??ضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، توانائي واري وزارت گردشي ق??ضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪري، گردشي ق??ضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ توانائي جي شعبي ۾ گردشي ق??ضن ۾ گهٽتائي جي حڪمت عملي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، محمد ع??ي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي اسان ترجيحي بنيادن تي معيشت جي بحالي لاءِ قدم کنيا، گردشي ق??ضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪومت هر مڪن قدم کڻي رهي آهي. هن توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته گردشي ق??ضن جي خاتمي لاءِ هڪ موثر، پائيدار ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته گردشي قرصن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بجلي چوري جي خاتمي واري آپريشن سان بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي. اجلاس کي پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن جي گردشي ق??ضن جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مختلف ڪمپنين جي گردشي ق??ضن جي حوالي سان آگاهه ۽ انهن ق??ضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل وزارت کي ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ هڪ ٺوس، پائيدار حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.