اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ج?? لاءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، م??ٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊ??ڪٽ?? اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود ??و. وفد صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.