اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي موجوده دور جي گهرجن ۽ معيشت جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفا متعارف ڪرائڻ، ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن کي وظيفن جي فراهمي ۾ ??ين??ڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ، تحقيق جي لاءِ فنڊز ??راهمي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ تربيت يافته افراد?? قوت خاص طور تي نرسنگ جي شعبي ۾ تربيتي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم کي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي صورتحال، شاگردن جي لاءِ وظيفن، ملڪ جي يونيورسٽين جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم ملڪي تعليمي شعبي جي موجوده انگن اکرن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جا تسليم ٿيل 259 اعليٰ تعليمي ادارا آهن. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ پليجرزم جي خاتمي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پي ايڇ ڊي جا 20 هزار کان وڌيڪ وظيفا فراهم ڪيا ويا آهن. نگران وز??را??ظم کي اجلاس ۾ قومي ۽ عالمي وظيفن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران وز??را??ظم ملڪ ۾ عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفن جي ترويج جي هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي سرڪاري وظيفن جي ذريعي ??ين??ڙ نتيجن جي حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي رقم جاري ڪرڻ ۾ ??ين??ڙ رڪاوٽن جي خاتمي جي هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي انساني ۽ فني وسيلن جي ترقي لاءِ اسان کي ملڪ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جهڙن مضمونن ۾ وظيفن کي فروغ ڏيڻو پوندو. نگران وز??را??ظم کي اڪيڊميز ۽ ملڪي صنعت جي وچ ۾ حصيداري جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي آءِ ٽي ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري ک??ن تحقيق جي فنڊنگ ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم صوبن ۾ تعليمي شعبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبائي عملدارن جو اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ عوام ۾ عالمي معيار جي تعليم مهيا ڪرڻ لازمي آهي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ هنرمند افراد?? قوت خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي پروگرام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته اسان جي افراد?? قوت اسان جو تمام وڏو اثاثو آهي ۽ تربيت يافته افراد?? قوت جي ذريعي اسان عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون ٿا. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ، جديد ترين سپر ڪمپيوٽرز جو استعمال ۽ ٻيا پروگرام سرفهرست آهن. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.