جده-01 نومبر (اي پي پي)اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ا??را??يل طرفان فلسطين ?? جاري قتل عام ۽ جنگي ڏوهن خاص طور تي جباليه ڪيمپ ۾ تازي قتل عام جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جده ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ا??را??يلي قابض ف??ج طرفان پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ رهائشي علائقو مڪمل تباهه ۽ سوين فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا. او آءِ سي عالمي برادري کان وحشياڻي ا??را??يلي جار??يت کي روڪڻ ۽ فلسطيني شهرين کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ فوري مداخلت جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. او آءِ سي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو بنيادي سامان جي فراهمي سان گڏوگڏ فوري ۽ ڊگهي انساني امداد کي يقيني بڻائي.