اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي خواهشم??د شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اهم ق??م کڻندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ ۾ توسيع ڪري ان کي 10 سيپٽمبر 2023ع تي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 27 آگسٽ تي منعقد ٿيڻي هئي. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع ج?? فيصلو ڪيو. ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا جي امتحان جي لاءِ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو.