اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي م??صو??ن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي م??صو??ن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري ??فا??ي وزير اسعد محمود، توانائي واري ??فا??ي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي م??صو??ن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ س??يت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا م??صو??ا شامل آهن.