ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات جي هڪ ??ينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم ??و محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏا??ي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب اما??ات جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏا??ي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏيل عرب اما??ات جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم ??ان گڏ هئا.