ل??هو?? – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب اما??ات روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب اما??ات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ گڏيل عرب اما??ات روانو ٿيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري قوم پ??ران ڀائر ملڪ جي صدر سان تعزيت جو اظهار ڪندو. ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.