اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصادي، ??اپ??ري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪس??ان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، آزاد ??اپ??ري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ ??اپ??ري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سمورن حصيدارن کي ڀليڪار چوي ٿو، پاڪس??ان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، پاڪس??ان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪس??ان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو، ??نڌ??را تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو ??اپ??ري حصيدار آهي، آزاد ??اپ??ري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ ??اپ??ري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڪس??ان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.