باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان توانائي، واپار، هوا??از??، تعليم، سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻط??في تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. زوگلبا پيليس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻنهي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته ٻ??هي گادي وارن شهرن جي وچ ۾ آذربائيجان ايئرلائين جون اڏامون شروع ڪرڻ، فوجي مشقن ۾ اضافي ۽ توانائي، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف باڪو شهر جي پرڪشش بنيادي ڍانچي ۽ باغباني جي لاءِ صدر الهام عليوف جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي آذربائيجان جي صدر کي چيو ته هو باغباني ۽ ويسٽ مئنيجمينٽ جي پنهنجي ماهرن جون خدمتون اسلام آباد جي لاءِ ڏي. هن چيو ته ڪارائتي ڳالهه ٻ??لهه دوران اسان جي وچ ۾ مختلف ٻط??في ۽ گهڻ رخي معاملن تي مڪمل اتفاق راءِ ڏٺو ويو آهي، اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ خلوص تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته پوري باڪو ۾ پاڪستاني جهنڊا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ محبت جي عڪاسي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته ٻ??هي ملڪن جا پراڻا لاڳاپا آهن پر واپار، سيڙپڪاري، هڪ ٻئي جي دورن ۽ تعاون جي اهم شعبن ۾ انهن جي عڪاسي نظر اچي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي زور ڏيندي هن چيو ته پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي ۽ اسان جو ملڪ ساليانو 27 ارب ڊالر درآمدي ٻارڻ تي خرچ ڪري ٿو پر يوڪرين جي بحران جي ڪري درآمدي شين ج?? قيمتن ۽ تيل ج?? قيمت ۾ اضافي جي چئلينج جي ڪري اهو ناقابل برداشت ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪوم?? صنعتن، روانگي واپار ۽ واپار جي لاءِ مهانگي درآمدي ٻارڻ جي جڳهه شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان مان چانور جي برآمد ۾ سهولت جي لاءِ پاڪستاني چانور تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان اسلام آباد جي لاءِ آذربائيجان ايئرلائين جون اڏامون شروع ڪرڻ جي آجيان ڪري ٿو ۽ آذربائيجان جي هوا??از?? جي وزير کي دعوت ڏني ته ٻط??في سياحت جي فروغ لاءِ باڪو ۽ ڪراچي جي وچ ۾ اڏامون هلائڻ جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري. وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي ڀرپور حمايت تي آذربائيجان جا ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزين سميت والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي ظالماڻي ڪاررواين ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آذربائيجان جي علائقائي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو ۽ آذربائيجان جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ ملڪي فوج جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون ڪا لڪيل ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو ڪنهن جارحيت جي لاءِ نه پر خطي جي امن لاءِ آهي. صدر الهام عليوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي وزيراعظم چيو ته هو پيٽروليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڳالهه ٻ??لهه جي لاءِ آذربائيجان جي معيشت، هوا??از?? ۽ توانائي جي وزيرن جي وفد جي دوري جو منتظر آهي. صدر الهام عليوف وزيراعظم ۽ ان جي وفد کي باڪو ۾ آجيان ڪندي چيو ته ٻ??هي ملڪن توانائي، دفاع ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته آذربائيجان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي ميزباني جي اميد رکي ٿو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ آذري شاگردن ٻط??في لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان فوجي مشقن جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ڇو ته بدلجندڙ حالتن جي ڏس ۾ فوجي صلاحيت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته مضبوط فوجي صلاحيت آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي ضامن آهي، آذربائيجان ڪاراباخ ريجن کي ڳالهين جي ذريعي نه پر پنهنجي فوجي طاقت سان آزاد ڪرايو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل رهيا آهن ڇو ته ٻ??هي ملڪن جا مختلف معاملن تي خيال هڪ جهڙا آهن. آذربائيجان جي صدر وزيراعظم شهباز شريف ج?? قيادت کي ساراهيندي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏني ته انهن وٽ ويزن رکندڙ هڪ اهڙو عظيم ليڊر موجود آهي جيڪو ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي.