اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تاريخي لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پاچاجي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم پنهنجي ترڪيه جي تازي دوري دوران شاندار مهمان نوازي تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه حڪومت جا ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم ان موقعي تي چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام رکن ٿا. ??زي??اعظم صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه جي نئين ٺهندڙ ڪابينا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، سياحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ??زي??اعظم پنهنجي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻاهرئين سيڙپڪاري جو م??زون ترين وقت آهي جڏهن ته ترڪ ڪمپنين جي ان حوالي سان گهري دلچسپي خوش آئنده آهي. ??زي??اعظم ترڪ سفير کي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو ڪائونسل جي ستين اجلاس جي لاءِ ترڪ صدر جي پاڪستان جي دوري جو م??تظر آهي.