اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاران پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته اهم ترڪ بزنس گروپن سان ملاقاتن دوران انهن پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ تعميرات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي ضرورت تي روشني وڌي آهي. وز??راعظم چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ 31 مئي کان آپريشنل ٿيل شئين ۾ واپار جي تاريخي معاهدي سان بهترين موقعا پيدا ٿيا آهن. وز??راعظم چيو ته ايند?? 3 سالن ?? ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي کي 5 ارب ڊالر سالياني تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو. وز??راعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته ترڪيھ جي بزنس ڪميونٽي پاڪستان ۾ جاري شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ نون منصوبن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.