ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پ??پلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي تي پابندي??ن جمهوريت کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ معاشري ۾ ورڇ ۽ انتشار جو سبب بڻجن ٿيون، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پ??پلزپارٽي ۽ صحافين جو اتحاد سدائين سدابهار ۽ مضبوط رهيو آهي. بلاول هائوس ميڊي?? سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهن??ي حڪومت جي دورن ۾ آمرن پاران صحافت تي لاڳو ڪارن قان??ن جو خ??تمو ڪيو ۽ صحافت کي مڪمل آزادي ڏني. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت جو پاڪستان ۾ بدترين ميڊيا ٽرائيل ٿيندو رهيو آهي پر ان جي باوجود پاڪستان پ??پلزپارٽي ڪڏهن به اظهار ۽ صحافت جي آزادي تي مصلحت جو شڪار نه ٿي، پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ ۽ حقن ??ي حوالي سان سدائين واضح موقف اختيار ڪيو آهي، اسان ڄاڻڻ ??ي حق جي قانون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ جيئن جو تيئن عملدرآمد ۾ يقين رکون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ان جي پارٽي ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين ??ي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ مثالي ماحول جو قيام ۽ عوام ۾ ميڊيا لٽريسي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ صحافت تي هنيل پابندين جي شديد مذمت ڪندي صحافتي تنظيمن، اظهار جي آزادي ??ي حق جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن سميت عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي والاريل واديءَ جي صحافين تي ظلمن جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ روزانو صحافين کي قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پ??ن ٿي??ن جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي صحافي سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ ڀارتي فوج جي هٿان شهيد به ٿي چڪا آهن. هن اپيل ڪئي ته سال ۾ هڪ ڏينهن والاريل ڪشمير جي صحافين سان يڪجهتي جو ڏينهن به ملهائڻ گهرجي.