اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نظريه پاڪستان عمران نيازي جي ناپاڪ ۽ خودغرضي تي ٻڌل ارادن کان ??يترئي ڀيرا معتبر ۽ سگهارو آهي، انشاءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڌسڻو پوندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي شرمناڪ، المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعن کانپوءِ آئون انهن جي منفي اثرن ۽ نتيجن بابت سوچي رهيو آهيان. جيترو آئون ان ??اري ڏينهن بابت سوچيان ٿو ايترو ئي منهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ته اسان پ??ڪستان جي نظريي جا پاڻ ئي دشمن بڻجي ويا آهيون. وزيراعظم چيو ته عوام کي ورهائڻ کانپوءِ عمران نيازي رياستي ادارن جي توهين جي ڪوشش ۾ لڳي ويو جڏهن ان جي حڪومت حاصل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ته هو پنهنجي نفرت انگيز بيانيي ۽ شرپسندن جي جٿن سان پ??ڪستان جي رياست تي حملي آور ٿي ويو. ان ??ي شايد ان ??الهه جو اندازو نه هو ته نظريه پاڪستان ان جي ناپاڪ ۽ خودغرضي سان ??رپور ارادن کان ??يترائي ڀيرا متعبر ۽ سگهارو آهي. انشاءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.