اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ??عا??ن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ??عا??ن جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سان ??نه??جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿاريو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل ??عا??ن تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ ??عا??ن جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ ??عا??ن جو يقين ڏياريو.