اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثر، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ فصل جي وڌ کان وڌ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي سٽ سهڻ جي سگهه رکندڙ فصلن جي قسم ??ي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ ت??او?? جي ضرورت آهي، آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ماحولياتي مسئلن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل جي آجيان ڪندي آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صحت، زراعت، صنعت، جوهري دوائن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جاري ت??او?? کي سا??اهيو. وزيراعظم ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ايجنسي جي ڪم ۾ مهارت ۽ فني م??او??ت کي وصول ڪرڻ ۽ فراهم ڪندڙ طور پنهن??ي ت??او?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪي??. وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل گروسي کي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي اهتمام هيٺ 19 ڪي??سر اسپتالن جي اهم ڪردار بابت بريفنگ ڏني، جيڪي پاڪستان ۾ ڪي??سر جي علاج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ عام ماڻهو کي سستي علاج جي فراهمي يقيني بڻائي رهيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل مختلف شعبن ۾ نيوڪليئر ايپليڪيشن ۾ پاڪستان جي مهارت جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان ايجنسي جي ڪم ۾ م??او??ت جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ج??هن ۾ ڪي??سر جي علاج جي لاءِ ”اميد جو ڪرڻو“ جا قدم به شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ فصلن جي وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ فصلن جي قسم تي تحقيق جي سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ ت??او?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان انرجي مڪس ۾ جوهري توانائي جو ڪردار سستي ۽ صاف توانائي جو آهي. آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪي?? ته جيئن ماحولياتي مسئلن بابت سڀني چئلينجن کي م??هن ڏئي سگهجي. هن پاڪستان ۾ زرعي تحقيقي ادارن بشمول اين آئي اي بي جيڪا آءِ اي اي اي ??ي ت??او?? ڪرڻ وارن مرڪزن مان هڪ آهي کي سا??اهيو. واضح رهي ته آءِ اي اي اي جو ڊائريڪٽر جنرل ٻن ڏي??هن جي دوري تي آهي. هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران مختلف جوهري سهولتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪي??سر جي علاج جي مرڪزن ۽ زرعي تحقيقي ادارن جو دورو ڪندو، جيڪي پائيدار ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺي رهيا آهن، ان جي هن دوري سان ان جي پاڪستان پاران جوهري تحفظ ۽ سلامتي جي بهترين معيارن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو به ملندو.