اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي ??نتقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي ??نتقام جي لا??ِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آ??ِ اڄ به بدترين سياسي ??نتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪا??بند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي ??نتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آ??ِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي ??ستعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي ??نتقام سان مخالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.