اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ افغانستان جي ناظم الامور کي پ??ڏي??ي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني هيڊ آف مشن تي حملي جي واقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. پاڪستان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان ممتاز زه??ه بلوچ چيو ته ڪابل ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي حملو ڪيو ويو، حملي ۾ هڪ سيڪيورٽي گا??ڊ زخمي ٿيو آهي. ترجمان چيو ته افغان ناظم الامور کي پ??ڏي??ي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي واقعي تي سخت احتجاج ڪندي افسوسناڪ واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان عملدارن سيڪيورٽي ي??ين?? بڻائڻ جي خاطري ڪرائي اهي، واقعي کانپوءِ ڪابل ۾ سفارتخاني جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخانو بند ڪرڻ يا عملو واپس گهرائڻ جي خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. ڪابل ۾ پاڪستان سميت ٻين سفارتي مشنز جي به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته افغان عبوري حڪومت جي پ??ڏي??ي وزير اسان جي ناظم الامور سان ڳالهه ڪئي آهي، افغان پ??ڏي??ي وزير ذميوارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.