اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊي??ٽي تي موجود پوليس جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائين قيمتي قومي ا??اث?? ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن کي پوليو جهڙي بيماري کان مح??وظ رکڻ ج?? لاءِ پرعزم آهيون. صدر ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ ج?? عزم کي ورجايو. صدر چيو ته سماج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. هن پوليو جي خاتمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ پوليس جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.