اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري ديني عالم جامعه دارالعلوم ڪراچي جي صدر مفتي رفيع عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيت?? بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته هن فقه، حديث ۽ تفسير جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر مرح??م جي درجن جي ب??ند?? ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.