اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يوينورس??يء?? ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد ??ائ??ن اضافو ٿي رهيو آه?? ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آه??. هن چيو ته پنهنجي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آه?? ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. هن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آه??. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفي??ر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار جي صدارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ريڊيالوجي جي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائشه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب ڇاتي جو ڪينسر آه?? ۽ پاڪستان ۾ ه?? 9 عورتن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آه??. هن وڌيڪ چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آه??. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيورسٽي هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.