اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين کي ”آئرن برادر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، سندس ??ين?? قيادت سا?? ملاقاتون انتهائي نتيجاخيز ۽ ڪار??ئت??ون رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي پنهنجي تازي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران چائنا گلوبل ٽيليويزن (سي جي ٽي اين) کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اسان آئرن برادر آهيون ڇو ته هي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، هن دوستي کي ڪير نقصان نه ٿو پهچائي سگهي، هن دوستي ۾ ڪير به جڳهه نه ٿو ماڻي سگهي ڀلي ڪجهه به ٿي وڃي، اسان دوست رهيا آهيون، اسان دوست آهيون ۽ اسان دوست رهنداسين. وزيراعظم چين پاڪستان لاڳاپن سا?? گڏوگڏ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ ڳالهه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ، پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ ڪاروباري سطح تي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، عالمي معاملن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ ۽ ??ين?? قيادت پاران وڏي پئماني تي حوصلا افزائي ۽ حمايت حاص?? ڪري وطن واپس وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ??ين?? ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين قومي ڪانگريس جي موقعي تي پهرين غيرملڪي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت سا?? ??ين?? قيادت جي دعوت تي چين جو دورو ڪرڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اهو اسان جي آئرن برادر هجڻ ۽ ڀائيچاري جو اظهار آهي، اهو اسان جي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جو اظهار ڪري ٿو، اسان ??ين?? قيادت جي ان قدم جي دل جي گهرايئن سا?? تعريف ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي دوري دوران هن مسلسل ملاقاتون ڪيون، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سا?? ملاقاتون سڀ کان وڌيڪ دوستاڻي، نتيجاخيز، واضح ۽ ڪار??ئت??ون رهيون. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جاگرافيائي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ مشاورتي عمل کي وڌائڻ ۽ نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته چين کي الله تعاليٰ تمام گهڻن وسيلن ۽ توانائي سا?? نوازيو آهي، ڪڏهن توسيع پسندي جي ارادن جو اظهار ناهي ڪيو، ان جي ابتڙ چين ۽ صدر شي جن پنگ جو فلسفو عالمگيريت، ڳالهه ٻولهه، خوشحالي ۽ ترقي بابت آهي. هن چيو ته جن جي پاليسي چين جو رستو روڪڻ آهي انهن جي پاليسي افسوسناڪ طور تي غلط آهي، اهي چين کي ڪڏهن به قابو ۾ نه رکي سگهندا. وزيراعظم چيو ته چين هڪ طاقت آهي ۽ دنيا چين کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي، چين پرامن ذريعن تي يقين رکي ٿو، ??ين?? فوج جي اڳڀرائي جارحيت جي لاءِ نه آهي، اها ان جي دفاع لاءِ آهي ۽ بجا طور تي آهي. هن چيو ته ماضي جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي چين ان علائقي ۾ ڪمزور رهڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ چين فوجي طور تي مضبوط هجڻ جو حق رکي ٿو.