اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچ?? جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دور?? جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چي?? ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ ق??م ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چي?? ته ٻوڏ بعد متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچ?? جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آه?? جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.