اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي ??ڻي??دڙ ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ک??ن وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي ??ڻي??دڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سان 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک ک??ن وڌيڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪ?? آهي جنهن سان ماڻهو روزگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪ?? آهي. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ تازين موسمياتي تبديلين ۽ تباهي ??ڻي??دڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل عالمي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ض??ور?? هوندي. وزيراعظم عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدا?? ا??تصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بهتر تعمير جي حڪمت عملي تي عمل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ض??ور?? هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهي ??ڻي??دڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي تباهي ??ڻي??دڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.