اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ ??تا??رن کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي صدر ۽ ترڪيه عوام جو ثورو مڃيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي عزم جو ٻنهي طرفن کان اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيا?? مطابق وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگ??ن طرفان پاڪستان لاءِ ٻوڏ فوري بعد 12 جهازن، 4 ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن ذريعي امدادي سامان جي فراهمي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان ترڪ صدر ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪندي ان کي ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ سچين روايتن تي ٻڌيل مثالي ناتا قرار ڏنا. هن پهرين سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر طرفان خير سگالي ۽ يڪجهتي طور ترڪيه جي گهرو وزير سلمان سويلو ۽ ماحوليات واري وزير ۽ اي ايف اي ڊي جي سربراهه مرات ڪورم تي ٻڌل موڪليل وفد جي پاڪستان جي دوري تي به شڪريو ادا ڪيو. ترڪ صدر کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت ??گاهه ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکر?? مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻوڏ ملڪ ?? لکين ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ڪيو ۽ لکين گهر ۽ انفراسٽڪچر به تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ان صورتحال کانپوءِ ملڪ ?? غذائي عدم تحفظ جو فوري چئلينج درپيش آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ??تا??رن جي ريسڪيو ۽ بحالي جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن ترڪ صدر کي حڪومت طرفان ??تا??ر علائقن ۾ امدادي سرگرمين بابت ??گاهه ڪيو، هن خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان علاوه ??تا??ر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ ترڪيه طرفان امداد حاصل ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.