اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي دهشتگردن جي ??ائ??نگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪري پوءِ ئي ساهه کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي دهشتگردن جي ??ائ??نگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شهيد پوليس ??هل??ارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ اعظم ڪچي آبادي ۾ ??پا??ي پير رحمان ۽ ??پا??ي نثار خان جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد پوليس ??هل??ارن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف پوليس اهم قربانيون ڏنيون آهن. شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پوليو ورڪرز تي حملو ڪندڙ قوم جي ٻارن کي معذور بڻائڻ چاهين ٿا. قوم جي ٻارن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.