اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت ??ار??ن 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي، اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته ٽي سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. انهن قدمن جو مقصد ڀارت جي اها ڪڌي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ هو جنهن تحت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير جي ڊيموگرافي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن. اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن تي بضد ۽ بي خوف آهي. ڪشميرين کي بااختيار ڪرڻ ۽ راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت ??ار??ن قائم ڪيل حدبندي ??ميشن والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڀارت جي من ماني ۽ هٺ ڌرمي جو واضح مثال آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??تي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن جي صورتحال مسلسل خراب ۽ ناقابل برداشت آهي ۽ تڏهن کان 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن مان رڳو هن سال 130 ماڻهن کي ڀا??تي قابض فوج عدالت کان مٿانهين واقعن ۾ شهيد ڪيو. ڀا??تي قابض فوج ??ار??ن والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڪشميري نوجوانن کي جعلي ۽ نام نهاد مقابلن ۽ سرچ آپريشن ۾ شهيد ڪرڻ هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي.