اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي ??هت??ام هيٺ 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وي??دي?? نمائش جو مقصد غيرقانوني طور تي ڀا??ت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران جاري هڪ پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان پاڪستاني ڪميونٽي ۽ فرينڊز آف ڪشمير کي نمائش ۾ شرڪت ۽ ڀا??تي ظلمن جي شڪار ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي دعوت ڏني آهي. نمائش کانپوءِ هاءِ ڪميشن ۾ ڪشمير جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، ڪشميري اڳواڻ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.