ماسڪو ??? 23 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وز??را??ظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وز??را??ظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري ف??اد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وز??را??ظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وز??را??ظم عمران خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وز??را??ظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وز??را??ظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وز??را??ظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وز??را??ظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وز??را??ظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسج?? اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وز??را??ظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وز??را??ظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وز??را??ظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.