اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??يپ??زپارٽي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون ??هي، اڄ ملڪ جون ??يڪي معاشي حالتون ??هن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرداري آهي، بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زرداري ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ٺاهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، ??يپ??زپارٽي علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به ??يپ??زپارٽي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 13 سان کان ??يپ??زپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو منصوبو سنڌ جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي عوام بلاول، زرداري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪاري چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، ??يپ??زپارٽي حڪومت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي ته اهو سنڌ جو علائقو آهي، ??يپ??زپارٽي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو آهي.