اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهت??ي جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم ??يو ته زراعت ۾ بهتر ميڪانائيزيشن ٽولز ۽ آءِ سي ٽي سان هلندڙ توسيع خدمتن جي متعارف ٿيڻ سان پاڪستان ۾ انقلاب برپا ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ وقت جي اهم ضرورت آهي ان سان روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم ??يو ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ڪسانن کي مشينري ۽ زرعي سامان خريدڻ ۾ سهولت ملندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي وڏي فصلن ۾ تحقيق ل??ءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا وڃن، هن ملڪ ۾ مويشن جي افزائش ۽ کير جي پيدوار کي بهتر بڻائڻ ل??ءِ ٻچڙن جي پرورش جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مصنوعي اينسيمينيشن کي بهتر ٽيڪنڪ متعارف ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي عير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، وزيراعظم ??ي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.