اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکنداسين جڏهن ته 16 ڊسمبر 2014ع جي ??ينهن کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏينهن طور تي ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي 7 هين ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي ??ار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. ??ن موقعي تي اسپيڪر چيو ته اي پي ايس سانحي جي واقعي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هنن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي ??ن معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان ??ي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پيغام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چيو ته 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقاب?? برداشت درد جي موجودگي جي طور تي محسوس ٿيندو آهي. هن چيو ته قوم کي شهيدن جي خاندانن تي فخر آهي جنهن ان ??ظيم صدمي کي برداشت ڪيو آهي، پوري قوم ڏکويل خاندانن جي ??ک ۾ برابر جي شريڪ آهي.