اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي قومي آرڪائيوز جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو آهي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ ??ڻايو وڃي جڏهن ته آرڪائيوز جي موثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي جي فراهمي جي لاءِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بورڊ جوڙي. هو نيشنل آرڪائي??ز آف پاڪستان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ?? ٻڌايو ويو ته نيشنل آرڪائيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي لاءِ پي سي ون جي منظوري ڏني وئي آهي. حڪومتي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک صفحن کي ڊيجيٽل ۽ 30000 خستا دستاويزن کي محفوظ ??ڻايو ويندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته دستاويز قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي شاهي حڪمن ۽ آزادي کان اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز محفوظ ڪيا وڃن.