اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اف??انستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي اف??انستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان اف??انستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ اف??انستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي ??اء?? انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، اف??انستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي اف??انستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين اف??ان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي ??عا??ي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان اف??انستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات اف??انستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا اف??انستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ اف??انستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا اف??انستان ۾ فوجي آپريشن شروع ??رڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر اف??انستان جي ماڻهن جي ??اء?? تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چيو ته اف??انستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ته اف??انستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي انتهاپسند تنظيمن کي اف??انستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي ??اء?? اسان کي اف??انستان سان ??ڏج?? ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي اف??انستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، اف??انستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اف??انستان جي موجوده صورتحال اف??انستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر اف??انستان ۾ ڪوريج جي ??اء?? سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان اف??انستان ۾ اٿارٽيز سان ??ڏج?? ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان اف??انستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان اف??انستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ اف??انستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي ??اء?? انتهائي ضروري آهي.