اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنج??اڻ?? ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪر?? ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرم??ن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪر?? سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرم??ن چيو ته پارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪر?? رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.