اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن ??ي قيام جي 70 هين سالگره?? جي موقعي تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني ??در شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ڏني، ??در ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ ??يو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني ??در جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي ??در شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ ??يو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آ??ن، هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.