اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ??ارورباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مضبوط معيشت جي قيام لاءِ ڪيترائي قدم ??ني?? آهن، وفاقي حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود ??اپاري برادري کي 1.2 کرب جو پيڪيج ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ميان نصير حيات ماگو جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود ??اپاري برادري کي 1.2 کرب روپين جو مالياتي پيڪيج فراهم ڪيو. ڪورونا جي دوران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 1.5 ڪروڙ خاندانن جي مالي مدد ڪئي وئي، صدر چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن جي معاشي خودمختياري تي به ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن کي 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، واپاري ٽيڪس ادا ڪ?? ته جيئن ترقياتي سرگرمين لاءِ وڌيڪ رقم مختص ڪئي وڃي.