اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ِآهي ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي جي لاءِ وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ?? ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي. ٻئي ملڪ انهن عالم?? فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگ??ن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيپال جي سفير تابش آدهيڪاري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هن ملاقات دوران ٻطرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن جي حوالي سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ٻطرفي تعاون کي علائقائي خوشحالي لاءِ اهم سمجهندو آهي، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ?? ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطاڪاري، ڊگهي تعاون جي لاءِ اهم آهي، ٻئي ملڪ ان عالم?? فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگ??ن ٿا، سينيٽ جي چيئرمين نيپالي سفير کي ڀارت?? فوج هٿان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.