حافظ آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ??ي دور ۾ حافظ آباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڏسي خوشي ٿي، ڪورونا ??ي دوران حافظ آباد ضلعي ۾ احساس پروگرام تحت 66 ڪروڙ رپيا ضرورتمندن ۾ ورهايا ويا، ان کانسواءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو ويو آهي، جيڪا علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم حافظ آباد ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي سان تعل?? رکندڙ ناليوارين شخصيتن سان ملاقات دوران ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.