اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي ??ان لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ ملڪ کي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي ??نتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي ??ان لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي قيادت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ??ي ذميوار ادارن پاران ملڪي سلامتي ??ي مجموعي صورتحال تي ??ريفنگ ڏ??ي وئي. اجلاس کي ملڪ جي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قومي سلامتي ??ي ذميوار ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان افغانستان سرحد تي ??نتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ ام?? ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ام?? ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان ام??د جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏن?? ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏن?? ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي ??ملداري، ام?? جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي رهيو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو ??روع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي ??ريفنگ ڏ??ي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن تي ??تمي فيصلو ??ئين پاڪستان جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سياسي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي ??طمينان جو اظهار ڪيو.