اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسيمبلي ۾ پ??رلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پ??رٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد وزيراعظم پاران بلوچستان جي ترق?? کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وفاق?? و??ير سردار اسرار ترين، سينيٽر انوارالحق، سينيٽر سرفراز احمد بگٽي، سينيٽر ثمينه ممتاز، قومي اسيمبلي ميمبر احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلاول آفريدي پڻ شامل هئا.